اسلام آباد -06 جولاءِ (اي پي پي)وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي، ته چين جي دوري دوران طي ٿيل معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي، چين ۾ طئي ٿيل سهڪار جي معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد جي پاڻ ??گر??ني ڪندس، چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مواصلات، معدنيات،کاڻين ۽ توانائي جي شعبن ۾ سهڪار جي نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي، انهن شعبن ۾ پاڪ چين سهڪار کي هٿي ڏيڻ سان معاشي ترقي، علائقائي رابطن جي مضبوطي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري پڌرائي مطابق وزي??اع??م محمد شهباز شريف گذريل ڏينهن چين جي تازي دوري دوران طئي ٿيل سهڪار جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي وزي??اع??م چيو ته چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي جنهن پاڪستان جي هر ڏکئي وقت ۾ مدد ڪئي، چين جي اعليٰ قيادت پاڪستاني وفد جي تازي دوري دوران مثالي مهمان نوازي جو مظاهرو ڪيو. چين دنيا جي هڪ مضبوط معيشت بڻجي اڀريو آهي، پاڪستان چين جي ترقي مان گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو. وزي??اع??م چيو ته چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مواصلات، معدنيا، کاڻين ۽ توانائي جي شعبن م سهڪار جي نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي. انهن شعبن م پاڪ چين سهڪار کي هٿي ڏيڻ سان معاشي تري، علائقائي رابطن جي مضبوطي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ گهرا ٿيندا. هن چيو ته چين جي دوري دوران طئي ٿيل معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد ۾ ڪنهن به قسم جي دير برداشت نه ڪئي ويندي، چين ۾ سهڪار جي معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي عملدرآمد جي پاڻ ??گر??ني ڪندس. ان موقعي تي بريفنگ دوران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته تازو ئي چين جي جوتا ٺاهيندڙ ڪپنين جي هڪ وفد پاڪستان ۾ پنهنجا ڪارخانا منتقل ڪرڻ جي حوالي سان پاڪستان جو دورو ڪيو آهي، ان شعبي ۾ چين جي ڪمپنين طرفان پاڪستان ۾ 5 کان 8 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جا امڪان موجود آهن، پاڪستان جوتا ٺاهيندڙ ڪمپنين جي ايسوسيئيشن چين جي ڪمپنين سان انهن جا ڪارخانا پاڪستان منتقل ڪرڻ جي حوالي سان مسلسل رابطي ۾ آهن. جڏهن ته زرعي شعبي جي 12 مشهور چيني ڪمپنين هلندڙ سال پاڪستان ۾ منعقد ٿيندڙ فوڊ اينڊ ايگري ايڪسپو ۾ به ڀرپور حصو وٺنديون. وزي??اع??م زرعي شعبي ۾ جديد تربيت لاءِ پاڪستان مان هڪ هزار شاگردن کي سرڪاري وظيفي تي چين موڪلڻ جي حوالي سان اڳڀرائي جو به جائزو ورتو. وزي??اع??م هدايت ڪئي ته چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير سميت شاگردن کي ميرٽ جي بنياد تي چين موڪليو وڃي، بلوچستان جي پٺتي پيل علائقن جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي به پروگرام ۾ خاص تر??يح ڏني وڃي، چين ۾ جديد زرعي تربيت لاءِ شاگردن کي ايندڙ تعليمي سيمسٽر کان موڪلڻ جي شروعات ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وزي??اع??م جي چين جي دوري دوران طئي ٿيل معاهدن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ چيني ڪمپنيون پاڪستاني ڪمپنين سان پاڪستان ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ رابطي ۾ آهن. اجلاس کي انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وزارت پاران هواوي طرفان 3 لک شاگردن کي فني تربيت، ڪاروبار جي سهولت لاءِ ون اسٽاپ آپريشن ۽ سمارٽ گورننس ۽ سمارٽ سٽي تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. وزي??اع??م واپڊا کي داسو ۽ ديا مير ڀاشا تي چيني شهرين جي سيڪيورٽي کي فول پروف بنائ?? لاءِ سيف سٽيز جي قيام جي هدايت ڪندي چيو ته انهن منصوبن کي جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي. اجلاس دوران وزي??اع??م کي پاڪستان ۾ چين طرفان مختلف مواصلاتي ڍانچي، بجلي ۽ گوادر ۾ منصوبن تي اڳڀرائي کان به آگاهه ڪيو ويو. وزي??اع??م محمد شهباز شريف هدايت ڪئي ته گوادر کي خطي ۾ واپاري راهداري جو مرڪز بڻائ?? لاءِ گوادر بندرگاه، گوادر هوائي اڏي، ۽ گوادر صنعتي زون جي ترقي لاءِ قدمن کي تيز ڪيو وڃي. چيني شمسي پينلز ۽ اوزار ٺاهيندڙ ڪمپنين سان پاڪستان ۾ سندن ڪارخانا منتقل ڪر?? لاءِ ڳالهين ۾ تيزي آندي وڃي. اجلاس ۾ نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن جام ڪمال خان، عطاالله تارڙ، عبدالعليم خان، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، راڻا تنوير حسين، محمد اورنگزيب، احسن اقبال، مملڪتي وزير شزه فاطمهخواجه، خصوصي معاون طارق فاطمي، پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين به شرڪت ڪئي.