اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي ۾ هڪ ڀيري سان واڌ نه ڪئي ويندي. پ??سٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪ??دي هن چيو ته پيٽروليم ڊولپمينٽ ليوي جي حد 60 رپين مان وڌائي 80 رپيا ??رڻ جي تجويز آهي. هي پهرين ڏينهن کان نه لڳائي ويندي ۽ هي واڌ ترتيبوار ٿ??ندي. ان حوالي سان حڪومت تيل جي قيمتن جي نگراني ڪندي ته جيئن ماڻهن تي گهٽ کان گهٽ بار وِجهي سگهجي.