شينزن – 05 – جون (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان ??يو آهي ته ڪاروباري معاهدن ۾ بزنس ٽو بزنس سرگرمين کي عملي طور تي ف??وغ ملندو جڏهن ته چين کي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ ??ڪ منفرد پليٽ فارم مهيا ٿيندو. چين جي دوري جي موقعي تي شينزن ۾ صحافين سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته ڪانفرنس ۾ چين جي 500 ۽ پاڪستان مان 100 ڪمپنين جي شرڪت حوصلي جوڳي آهي، 32 ايم او يوز تي صحيحن سان ٻنهي طرفن جي بزنس ڪميونٽي ڳنڍجي وئي، ڪاروباري معاهدن ۾ بزنس ٽو بزنس سرگرمين کي عملي طور تي ف??وغ ملندو. وفاقي وزير عبدالعليم خان ??يو ته انهن معاهدن سان ??ين کي به پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ جي لاءِ ??نفرد پليٽ فارم ملندو، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري سان ??ين کي به ٻين ملڪن کي ڊائريڪٽ ايڪسپورٽ جو موقعو ملندو، پاڪ چائنا بزنس جي ف??وغ سان پاڪستاني ڪمپنين جي ايڪسپورٽ ۾ پڻ اضافو ٿيندو، بزنس ۾ رابطا هموار ٿيڻ سان لانگ ٽرم حصيداري جا دروازا کلن ٿا. وفاقي وزير چيو ته پاڪ چائنا بزنس فورم جو انعقاد ڪامياب ترين ۽ غيرمعمولي اهميت رکندڙ آهي، وزيراعظم جو چين سان حصيداري جو ويزن بهتر انداز ۾ پڄاڻي طرف گامزن آهي، ٻطرفي واپار سان پاڪ چين بزنس ڪميونٽي جي وچ ۾ اعتماد کي ف??وغ ملندو، شينزن ۾ ان ??ان اڳ ڪا بزنس ڪانفرنس ايتري قدر ڪامياب ناهي ٿي.