اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ مفاهمت جي 16 يادداشتن ت?? صحيحون ٿينديون. چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي، سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري پاڪستان چين بزنس ڪانفرنس جي حوالي سان بريفنگ ڏني. پلاننگ ڪميشن پاران جاري بيان موجب پاڪستاني سفير خليل هاشمي ??يو ته چيني ڪمپنين بزنس ڪانفرنس ۾ تمام گهڻي دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، هي هڪ غيرمعمولي ايونٽ آهي، چين جي 700 ناليواري ڪاروباري شخصيتن فورم ۾ شرڪت جي لاءِ پاڻ کي رجسٽرڊ ڪيو آهي. خليل هاشمي ??يو ته افتتاحي اجلاس کي وزيراعظم محمد شهباز شريف اهم خطاب ڪندو، افتتاحي اجلاس کانپوءِ بزنس ٽو بزنس گ??جا??يون شيڊيول آهن. خليل هاشمي ??يو ته وزيراعظم جي افتتاحي اجلاس کان اڳ پاڪستاني ڪاروباري شخصيتن سان ملاقات ٿيندي. سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري ??يو ته افتتاحي اجلاس ۾ شمسي توانائي جي امڪانن، گوادر بندرگاهه ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ماحول جي موضوعن تي بريفنگ ڏني ويندي، پاڪستان ۽ چين جي ڪمپنين جي وچ ۾ 16 مفاهمت جي يادداشتن ت?? صحيحون ٿينديون.