اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) جمهوريه ازبڪستان جو پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي آفيس موجب گادي واري شهر اچڻ تي ازبڪ پرڏيهي وزير جو شاندار استقبال ڪيو ويو، پرڏيهي وزارت جي ڊائريڪٽر جنرل وچ ايشيا ۽ اي سي او اعزاز خان سندس استقبال ڪيو. دوري دوران پرڏيهي وزير بختيار سيدوف وزيراعظم محمد شهبا?? شريف سان ملاقات ڪندو ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سان گڏيل دلچسپي جي وسيع تر ٻطرفن معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ واپار ۽ راب??ن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو.