اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن ۽ ٻارن جي سزائن ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي خصوصي ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سزا ۾ ڇوٽ 2 سال يا ان کان گهٽ عرصي جي لاءِ سزا يافته عورتن ۽ ٻارن تي لا??و هوندي، ڇوٽ سزا مڪمل ٿيڻ ۾ 2 سال کان گهٽ جو عرصو رهجي ويندڙ عورتن ۽ ٻارن تي پڻ لا??و هوندي. بيان موجب سزا ۾ گهٽتائي قتل، جاسوسي، رياست مخالف سرگرمين، اغوا?? چوري، ڦر جي ڏوهارين تي لاڳو نه ٿيندي، گهٽتائي زنا آرڊيننس، دهشتگردي ??ي خاتمي، غيرملڪي ماڻهن ۽ نشي آور مواد جي ڪنٽرول ايڪٽ تحت سزا يافته ڏوهارين تي لاڳو نه هوندي. صدر سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري آئين جي آرٽيڪل 45 ۽ رولز آف بزنس تحت ڏني آهي.