فيصل آباد-07 فيبروري (اي پي پي) ايندڙ عام چونڊن جي سلسلي ۾ پولنگ واري ڏينهن 08 فيبروري تي ڪنهن به اميدوار يا پارٽي کي پولنگ اسٽيشن جي 100 ??يٽرن جي حد ۾ ڪيمپ لڳائڻ جي اجازت نه هوندي جڏهن ته سياسي پارٽيون ۽ اميدوار ۽ اليڪشن ايجنٽ يا سندن حامي ڳوٺاڻن علائقن ۾ پولنگ اسٽيشنن کان 400 ميٽرن جي مفاصلي تي ۽ گنجان آبادي وارن شهري علائقن ۾ 100 ??يٽرن جي مفاصلي تي پنهنجي ڪيمپ لڳائي سگن ٿا. فيصل آباد جي اليڪشن ڪميشن جي ترجم??ن سمورين سياسي پارٽين ۽ اميدوارن کي آگاهه ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق جي شق نمبر 48 ۽ 49 مطابق پولنگ جي موقعي تي پولنگ اسٽيشن جي 400 ميٽرن جي حد ۾ ڪنهن به قسم جي مهم ، ووٽرن کي و??ٽن لاءِ قائل ڪرڻ، ووٽرن کي و??ٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ درخواست ڪرڻ ۽ ڪنهن خاص اميدوار لاءِ مهم هلائڻ تي پڻ سختي سان پابندي هوندي. اهڙيءَ ريت 100 ??يٽرن جي اندر خاص اميدوارن جي حق ۾ ووٽ وجهڻ لاءِ ووٽرن جي حوصلا افزائ?? يا کيس ووٽ نه وجهڻ لاءِ حوصلا شڪني تي ٻڌل نوٽيس، بينر يا جهنڊا لڳائڻ تي پڻ مڪمل طور تي پابندي هوندي. هن ٻڌايو ته ڊي آر او، آرو ۽ پوليس سم??ت انتظاميا ڄاڻايل شقن تي عمل ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جا ذميوار هوندا. ائين نه ڪندڙن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي و??ندي.