برسلز – 01 – فيبروري (اي پي پي) نگران پرڏ??هي وزير جليل عباس جيلاني پنهنجي برسلز جي دوري دوران رائل انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل ريليشنز ۾ مختلف عالمي ۽ يورپي ادارن جي اهم اسڪالرز ۽ ناليوارن تعليمي ماهرن کي خطاب ڪيو. پرڏ??هي آفيس موجب نگران پرڏ??هي وزير شرڪت ڪندڙن کي هڪ پرامن ۽ خوشحال خطي جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪيو جنهن ۾ اقتصادي تعاون ۽ علائقائي رابطن کي فروغ ڏيڻ، ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جو حل، ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڪوششن کي سگهه ڏيڻ ۽ خطي ۾ جاگرافيائي سياسي مقابلي ۽ ??ڪر??ءُ بلاڪ اسٽرڪچر ۽ اتحاد کان پاسو ڪرڻ شامل آهي.