اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غزه جي پٽيءَ ۾ نسل ڪشي جي ڏوهه جي روڪٿام ۽ سزا بابت ان??اف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اهو هڪ بهترين فيصلو آهي، اس??ائيل کي فوري طو?? تي غزه ۾ معصوم شهرين جي نسل ڪشي ۽ رتوڇاڻ کي روڪڻو پوندو. هن آءِ سي جي جي فيصلي کي ساراهيو جنهن ۾ اس??ائيل کي غزه ۾ فلسطينين طرف نسل ڪشي ڪنوينشن تحت پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ، نسل ڪشي ڪنوينشن جي آرٽيڪل II جي دائري ۾ ايندڙ سمورين ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻڻ ۽ غزه ۾ فلسطينين کي فوري طو?? تي گهربل ”بنيادي خدمتون ۽ ان??اني امداد) جي فراهمي جو چيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر چيو ته ان فيصلي اس??ائيل پاران ڪيل غيرانساني ڪاررواين ?? ڏاڍ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اس??ائيل عورتن، ٻارن ۽ اسپتالن کي نشانو بڻائي ان??انيت جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون ۽ خوراڪ جي لاءِ قطار ۾ بيٺل ماڻهن کي پڻ نه ڇڏيو. صدر عالمي برادري ۽ گڏيل قومن جي ٻين ادارن خاص طو?? تي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ته اها غزه ۾ فوري جنگبندي جي لاءِ قدم کڻي ۽ اس??ائيل کي فلسطين ?? وڌيڪ رتوڇاڻ کان روڪي. صدر نسل ڪشيءَ جي ڪاررواين تي اس??ائيل کي جوابده قرار ڏيڻ جي لاءِ ڏکڻ آفريقا پاران معاملو ان??اف جي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ جي جرئتمنداڻي موقف کي ساراهيو.