اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) پا??ستان خميس ڏينهن صبح ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان ۾ انتهائي ٺوس ۽ مخصوص هدفن جي خلاف مهارت سان فوجي ڪارروائي ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، ”مرگ بر سرمچار“ جي نالي سان ڳجهي اطلاعن تي ٻڌل آپريشن ۾ ڪيترائي دهشتگرد ماريا ويا. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان پاران جاري بيان موجب ??ذر??ل ڪجهه سالن دوران پا??ستان ايران سان پنهنجي رابطن ۾ پا??ستاني ڄاوا دهشتگرد جيڪي پا?? کي سرمچار چوندا آهن جي ايران جي اندر حڪومتي عملداري کان ٻاهر علائقن ۾ محفوظ ٺڪاڻن بابت پنهنجي ڳڻتي بابت مسلسل آگاهه ڪندو رهيو آهي. پا??ستان انهن دهشتگردن جي موجودگي ۽ انهن جي سرگرمين جا ٺڪاڻن ثبوتن سان گڏ ڪيترائي ڊوزيئرز پڻ شيئر ڪيا، جيتوڻيڪ اسان جي سنگين خدشن تي عمل نه ٿيڻ جي ڪري اهي نام نهاد سرمچار بيگناهه پا??ستانين جو رت وهائيندا رهيا. هي ڪارروائي انهن نام نهاد سرمچارن جي خلاف ممڪن طور وڏي پئماني تي دهشتگردي جي ڪاررواين بابت تصديق ٿيل انٽيليجنس جي روشني ۾ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان موجب هي ڪارروائي پا??ستان جي سڀني خطرن جي خلاف پنهنجي قومي سلامتي ۽ دفاع جي اڻٿڪ عزم جو اظهار آهي. ان انتهائي مُشڪل آپريشن جو ڪامياب انعقاد به پا??ستان جي هٿياربند فوج جي پيشيواراڻي مهارت جو واضح ثبوت آهي. پا??ستان پنهنجي عوام جي ت??فظ ۽ سلامتي ??ي لاءِ سڀئي ضروري قدم کڻندو رهندو. ترجمان چيو ته پا??ستان ايران جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو مڪمل احترام ڪري ٿو. اڄ جي عمل جو واحد ??قصد پا??ستان جي پنهنجي سلامتي ۽ قومي مفاد ??ي لاءِ هو، جيڪو اسان ??ي لاءِ سڀ کان مٿانهون آهي ۽ جنهن تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان چيو ته عالمي برادري جي هڪ ذميوار ميمبر طور پا??ستان ميمبر ملڪن جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري سميت گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن ۽ مقصدن جي پاسداري ڪري ٿو، انهن اصولن جي روشني ۾ ۽ عالمي قانونن جي اندر پنهنجي جائز حقن کي استعمال ۾ آڻيندي پا??ستان ڪڏهن به پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪنهن به جواز يا حالتن ۾ چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. ترجمان چيو ته ايران ڀائر ملڪ آهي ۽ پا??ستاني عوام ايراني عوام ??ي لاءِ تمام گهڻو احترام ۽ محبت رکي ٿي، اسان سدائين دهشتگردي ??ي لعنت سميت گڏيل چئلينجن کي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون تي زور ڏنو آهي ۽ اسان گڏيل حل ڳولڻ جي ڪوشش جاري رکنداسين.