اسلام آباد-05 فيبروري (اي پي پي) انساني حقن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشميري ڪڏهن به ڀارتي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندا ۽ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏوگڏ معصوم ڪشميرين جو ??زاديءَ وارو جذبو وڌي رهيو آهي. يومِ يڪجهتي ڪشمير جي ??وقعي تي هڪ نجي ??ي وي چينل سان خصوصي انٽرويو ۾ هن ڪشميرين سا?? يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ 5 فيبروريءَ جي اهميت تي زور ڀريو. هن عالمي بر??در??ءَ تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وِجهن. هن چيو ته فوجي طاقت ذريعي ڪشميرين جي آواز کي ڪچلڻ لاءِ هر وحشياڻو طريقو استعمال ڪرڻ باوجود ڀارت ڪشميرين کي فتح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ انهن جي آزاديءَ وارو جذبو گذرندڙ ڏينهن سان گڏ زور وٺي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ??وري سياسي، مذهبي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير مسئلي تي متحد آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ اهڙو مضبوط رشتو آهي جو ڪوبه ڪشمير ڪاز سان غداري جو ??وچي به نٿو سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي ??ئين حڪومت کي ڪشمير مسئلي جو ??ڀ کان وڏو چئلينج سامهون هوندو ۽ فوري ايڪشن وٺڻو پوندو. هن چيو ته نگران حڪومت خصوصي ڪشميري ڪميٽين سان گڏجي ڊگ??ي مُدي جي حڪمت عملي بڻائي رهي آهي. حڪومت ڪشمير ڪاز کي اجاگر ڪيو آهي ۽ آئينده حڪومت به تحريڪ آزاديءَ کي ترجيح ڏي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن جي اداري ۽ انساني حقن جي ??ين تنظيمن کي ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشمير جا ماڻهو غير قانوني ڀارتي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي حملن سبب انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو ??ڪار آهن.