ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 54 هين ??الياني اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين ??ل گيٽس سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ سماجي تعاون جي ڪيترن ئي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪوششن کي وڌائيندي انهن جي ثمرن کي وڌيڪ مستح??م ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان سان خاص طور تي عوامي ص??ت، سماجي قدمن ۽ مالياتي شموليت جهڙن شعبن ۾ ان جي اهم تعاون سان گڏوگڏ ڪورونا وبا ۽ 2022ع جي ٻوڏ دوران تعاون کي ساراهيو. نگران وزيراعظم ۽ بل گيٽس پاڪستان ۾ سماجي تعاون جي ڪيترن ئي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪوششن کي وڌائيندي انهن جي ثمرن کي وڌيڪ مستح??م ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. نگران وزيراعظم غربت ۽ غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي گڏيل ڪوششن جو پڻ خ??ڪو پيش ڪيو.