اسلام آباد-09جنوري (اي پي پي) تعليم واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي تعليمي ماحول کي هٿي ڏيڻ ۽ ضرورتمند شاگردن لاءِ فيس ۾ رعايت/اسڪالرشپ جي دائري کي وڌائڻ ذريعي برابري کي بهتر بڻائ?? تي زور ڀريو آهي. جاري پريس رليز موجب هن اهڙن خ??ال?? جو هن نجي تعليمي ادارن جي سربراهن سان ملاقات ۾ ڪيو. وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته سراسري سمورا نجي ادارا پنهنجي شاگرد?? کي 15 کان 25 سيڪڙو تائين وظيفا ڏئي رهيا آهن، نجي تعليمي ادارن جي نمائندن سي ايس آر جي جديد ۽ پائيدار طريقين تي تفصيلي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير سي ايس آر قدمن ۽ سرگرمي?? کي ساراهيو جيڪي نجي تعليمي ادارا پهرين ئي اختيار ڪري چڪا آهن، ان سان معاشري جي گ??ٽ سگهه رکندڙ طبقن جي ٻارن لاءِ معياري تعليم جي فراهمي جا دروازا کلي ويندا. اهي قدم پاڪستان جي انساني ترقي کي بلند ڪرڻ ۽ ملڪ جي سماجي سرمائي کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم آهن. مدد علي سنڌي استادن جي تربيت ۽ اهميت تي روشني وجهندي چيو ته نه رڳو وفاق پر سمورن صوبن ۾ به ا?? کي وڌيڪ اهميت ڏيڻ گهرجي. هن ٻڌايو ته سي ڊي اي اسڪولن جا پلاٽ نيلام ڪرڻ جو منصوبو بڻايو آهي، هن پيرا (PEIRA) ۽ وزارت کي هدايت ڪئي ته هو ان عمل ۾ سي ڊي اي جو ساٿ ڏي.وفاقي وزير چيو ته سندس ڌيان سرڪاري اسڪولن جي تعليمي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ پاڪستان ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻار?? کي ڪنٽرول ڪر?? تي آهي.هن چيو ته وفاقي تعليم واري وزارت هر صوبي ۾ 2 ماڊل اسڪول ٺاهڻ جو منصوبو بڻايو آهي، مدد علي سنڌي سمورن پرائيويٽ ادارن جي مسئل?? کي تسليم ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ هر ممڪن تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو.