مظفر آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٻن ڏينهن جي دوري تي مظفرآباد پهچي ويو. نگرا?? وزيراعظم جي مظفرآباد اچڻ تي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق هيلي پيڊ تي سندس استقبال ڪيو. نگرا?? وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي ويو جتي هن ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ ۾ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. نگرا?? وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ??ئي. نگرا?? وزيراعظم شهيدن جي يادگار تي ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ اڳواڻن جون تصويرون ڏٺيون. بعد ۾ نگرا?? وزيراعظم قانونساز اسيمبلي پهتو جتي کيس آزاد ڪشمير پوليس جي دستي پاران گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو. نگرا?? وزيراعظم جو اهو دورو ڄمون ۽ ڪشمير جي حيثيت جي حوالي سان ڀارت جي هڪطرفي ۽ ??ير??انوني قدم جي ڀارتي سپريم ڪورٽ پاران توثيق جي ڏس ۾ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.