سرينگر – 06 – نومبر (اي پي پي) جيلن ۾ نظربند ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن ڄمون قتل عام جي شهيدن کي انهن جي شهادت جي ڏهاڙي تي شاندار خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميري عوام پنهنجي شهيدن جي مشن کي هر قيمت تي پورو ڪندي. ڪشمير ميڊيا سروس م??جب ڊوگره مهاراجا هري سنگهه جي فورسز، ڀارتي فوج ۽ هندوتوا تنظيمن آر ايس ايس ۽ جن سگهه جي انتهاپسندن نومبر 1947ع جي پهرين هفتي ۾ ڄمون خطي جي مختلف علائقن ۾ لکين ڪشميرين کي ان وقت شهيد ڪيو جڏهن اهي پاڪستان طرف هجرت ڪري رهيا هئا. سڄي دنيا ۾ ڪشميري 6 نومبر تي شهداءِ ڄمون ڏهاڙي طور ملهائين ٿا ته جيئن انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪري سگهجي. غيرقا??ون?? طور تي نظربند ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سينيئر ??ڳواڻ شبير احمد شاهه ۽ نعيم احمد خان نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل مان پنهنجي جدا جدا پيغامن ۾ چيو ته 1947ع ۾ ڄمون ۾ مسلمانن جو قتل عام ڪشمير جي تاريخ جو سڀ کان هولناڪ واقعو آهي جنهن جي ياد 75 سال گذري وڃڻ کانپوءِ به ڪشميرين جي ذهنن ۾ تازي آهي. هنن چيو ته ڊوگره مهاراجا جي فورسز ۽ ڀارتي فوج جي مدد ۽ سرپرستي ۾ هندو ج??ون??ن علائقي ?? آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪڌي ارادن تحت ڄمون خطي جي پوري مسلمان آبادي جو صفايو ڪري ڇڏيو.