راولپنڊي – 06 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه علوي ??ور??ن تي زور ڏ??و آهي ته اهي ڇاتيءَ جي ڪينسر جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ۽ هر مهيني 5 منٽن جي لاءِ پاڻ پنهنجو معائنو ڪن ته جيئن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي مرحلي جي خبر لڳائڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ ان سان هزارين ??ور??ن جي حياتي بچائي سگهجي ٿي. هو بهبود ايسوسيئيشن راولپنڊي جي اهتمام هيٺ بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم جي سلسلي ۾ ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪري رهي هئي. خاتون اول بيگم ثمينه علوي چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب 44 هزار فوتگيون هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، ان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان بيماري جي جلد سُڃاڻپ بابت مسلسل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت خطرن کان بچڻ بابت عام ماڻهن کي حساس بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏ??و. بيگم ثمينه علوي ٻڌايو ته دنيا ۾ مجموعي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر مان صحتياب ٿيندڙن جي شرح 98 سيڪڙو آهي جڏهن ته هن پاڪستان ۾ ڪينسر جي سُڃاڻپ جي لاءِ ميموگرافي جي ناڪافي سهول??ن جي ڪري فوتگين جي شرح وڌيڪ آهي. هن چيو ته هر عمر جي ??ور?? جنهن ۾ 14 کان 15 سالن جي ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۾ پڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي سُڃاڻپ ٿي رهي آهي. هن ??ور??ن ۽ ڇوڪرين تي زور ڏ??و ته اهي پاڻ معائنو ڪرڻ جو طريقو سکن ۽ پنهنجي ڀرپاسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 کان وڌيڪ ??ور??ن جي وچ ۾ ان ڳالهه کي ڦهلائين. هن بهبود مدد ۽ چائيلڊ اسپتال جي لاءِ پنهنجي خاندان پاران 500000 رپيا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن معذور ماڻهن جي شموليت، ذهني صحت ۽ ??ور??ن جي لاءِ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏ??و. هن معذور ماڻهن کي تعليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي معاشري ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ تي زور ڏ??و. پاڪستان آرمي ۾ ملڪ جي پهرين ٿري اسٽار ??ور?? جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) نگار جوهر چيو ته دنيا ?? 8 مان هڪ ??ور?? ڇاتي جي ڪينسر سبب موت جي منهن ۾ هلي وڃي ٿي جيڪا هڪ خوفناڪ صورتحال آهي. هن چيو ته پاڪستان جي صحت جون خدمتون صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي عالمي صحت جي هدف موجب ڌيان ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب ٿيندڙ فوتگين کي 25 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ تي آهي.