اس??ام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پا??ست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن، سعودي عرب پا??ست??ن جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪ??ي آهي، سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پا??ست??ن جي افرادي قوت جي سعودي حڪومت پاران سارسنڀال مثالي آهي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان امام ڪعبه پروفيسر ڊاڪٽر شيخ صالح بن عبدالله بن حميد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران وزير انيق احمد، مدد علي سنڌي، نگران وزيراعظم جو خصوصي نمائندو مولانا طاهر اشرفي، لاڳاپيل اعليٰ عملدار ۽ سعودي عرب جو پا??ست??ن ۾ سفير نواف بن سعيدالمالڪي پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ نگران وزيراعظم غزه ۾ جاري معصوم فلسطينين تي ظلم ۽ ٻارن جي قتل عام جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪئي. نگران وزيراعظم فلسطينين سان ڀرپور يڪجهتي جي اظهار ۽ غزه ۾ فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ۽ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي مضبوط بنيادن تي قائم آهن، سعودي عرب پا??ست??ن جي هر مشڪل وقت ۾ مدد ڪ??ي آهي. نگران وزيراعظم پا??ست??ن ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبي ۾ ترقي جي لاءِ سعودي تعاون تي ٿورا مڃيندي چيو ته سعودي عرب ۾ ڪم ڪندڙ پا??ست??ن جي افرادي قوت جي سعودي حڪومت پاران سارسنڀال مثالي آهي. هن چيو ته خادم الحرمين الشريفين ۽ ولي عهد سعودي عرب تازو ئي غزه جي صورتحال تي اسلامي سربراهي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان دنيا کي مسلمان امت پاران فلسطينين جي بنا مشروط حمايت جو واضح پيغام ڏنو. نگران وزيراعظم غزه ۾ امدادي سامان پهچائڻ جي لاءِ فوري طور تي لنگهه قائم ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. اسلامي تعاون تنظيم جي پليٽ فارم تان خبر ايجنسي قائم ڪرڻ خوش آئنده آهي، اسلامو فوبيا جي خاتمي لاءِ اسلامي تاريخ ۽ ثقافت تي ڊاڪيومينٽريز سان نوجوان نسل کي اسان جي شاندار ماضي بابت تعليم ڏيڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اسلامي تعليم، تاريخ ۽ ثقافت تي ڊاڪيومينٽريز کي مختلف زبانن ۾ نشر ڪيو وڃي ته جيئن دنيا جي هر ڪنڊ ۾ ماڻهن تائين اس??ام جو صحيح پيغام پهچائڻ ۾ مدد ملي سگهي. امام ڪعبه پا??ست??ني افرادي قوت جي سعودي عرب جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار کي ساراهيو. امام ڪعبه پا??ست??ن ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻن لاڳاپن کي مثالي قرار ڏنو. هن نئين نسل جي اسلامي قدرن موجب تربيت تي زور ڏنو. امام ڪعبه سندس دوري دوران پا??ست??ن پاران شاندار مهمان نوازي تي ٿورا مڃيا.