مظفر آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق چيو آهي ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آ??ي، ڀارت 27 آڪٽوبر تي سرينگر ايئرپورٽ تي ??نه??جا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جُون ٻيُون عالمي تنظيمُون ڀارت کي ڪشميرين تي جاري ظلمن کان پري نه رکي سگهيُون، ڪشميري هر سال ان ڏينهن کي ڪاري ڏينهن طور ملهائين ٿا، ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي. اهڙن خيالن جو اظهار آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق 27 آڪٽوبر ڪاري ڏينهن جي موقعي تي ??نه??جي پيغام ۾ ڪيو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي تاريخ ۾ ڪارو ترين ڏينهن آ??ي، جنهن ڏينهن ڀارت 1947ع تي سرينگر ايئرپورٽ تي ??نه??جا فوجي لاٿا ۽ رياست تي جابراڻو قبضو ڪري رياست کي هڪ فوجي ڇانوڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هن چيو ته نريندر مودي گڏيل قومن جي ڪشمير بابت قراردادن جون ڌڄيون اڏائي ڇڏيون آهن ۽ 5 اگسٽ 2019ع تي رياست ۾ سياسي نظام کي لپيٽيندي سياسي قائدين کي نظربند ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڪشميرين جي خودمختاري جو حق عالمي سطح تي مڃيل حق آهي جنهن جي لاءِ ڪشميري عوام 7 ڏهاڪن کان مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ قربانيون ڏئي رهيا آهن. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڪشميري عوام اڄ به ??نه??جي منصفاڻي جدوجهد تي ڄميل آ??ي، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام ڪشميرين جي پويان بيٺل آهن. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته ڀارت طاقت جي زور تي ڪشميرين جي آزادي جو جذبو ختم نٿو ڪري سگهي.