اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي سربراهه ??جل??س ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جو د??رو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته نگران وزيراعظم 8 ۽ 9 نومبر تي ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند ۾ اقتصادي تعاون تنظيم جي سربراهه ??جل??س ۾ شريڪ ٿيندو. ترجمان چي?? ته نگران وزيراعظم ??جل??س ۾ شرڪت ڪندڙ ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪندو. ترجمان فلسطين جي حوالي سان ڳالهائيندي چي?? ته پاڪستان کي فلسطين جي صورتحال تي ڳڻتي آهي، اسرائيل جي قابض فوج فلسطين ۾ جنگي ڏوهن جو ارتڪاب ڪري رهي آهي، گذريل ڏينهن سينيٽ ??جل??س ۾ فلسطينين تي ٿيندڙ ظلمن جي خلاف قرارداد منظور ڪئي وئي، گڏيل قومن کي غزه ۾ گهيراءُ جي خاتمي، بمباري روڪڻ ۽ انساني بنيادن تي ڪراسنگ کولڻ تي زور ڏيڻ گهرجي. ترجمان چي?? ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جاري آهن، گذريل مهيني ڀارتي قابض فوج والاريل ڪشمير ۾ 17 ڪشمي??ين کي شهيد ڪيو، گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڪشمي??ين تي ظلم جاري آهن. هن چي?? ته ڀارتي ايجنسيون پاڪستان ۾ جاسوسي، دهشتگردي ۽ شرپسندي ۾ ملوث آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ ممتاز زهره بلوچ چي?? ته پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين جي خلاف ايميگريشن منصوبي تي عملدرآ??د شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان هڪ مهينو اڳ غيرقانوني طور تي رهندڙ غيرملڪين کي ملڪ ڇڏڻ جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي هئي.