اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ صوبن کي هدايت ڪئي آهي ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو عوام کي منت??ل ڪرڻ جي لاءِ پرائيس ڪنٽرول مڪينزم کي فعال ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻارڻ جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي جي ڏس ۾ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي لاڳاپيل عملدارن کي پرائيس ڪنٽرول جي سخت طريقي??ار کي فعال ڪرڻ ??ي هدايت ڪئي آهي. هن سمورن ??ڏن وزيرن کي چيو ته اهي ان ڳالهه کي يقيني بڻائين ته ضروري شين ۽ خدمتن جون قيمتون اهڙي طرح گهٽ ڪيون وڃن، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو فائدو پاڪستاني عوام کي منت??ل ڪرڻ طرف سموريون ڪوششون ڪيون وڃن ۽ ا?? تي سختي سان عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.