اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت آئين جي مڪمل پاسداري ڪندي، ا??ان وٽ لامحدود اختيار نه آهن، پنهنجي اختيارن کان تجاوز نه ڪرڻ چاهينداسين، پنهنجي ڪردار ا??ان کي ثابت ڪرڻو آهي ته ا??ان جو ڪو به فيورٽ نه آهي، سمورين پارٽين کي برابر موقعا ڏيڻ ۽ ??ن کي يقيني بڻائڻ اليڪشن ڪميشن جو ڪم آهي، جيڪڏهن ڪنهن سياسي پارٽي کي لڳي ٿو ته ان ??ان امتيازي سلوڪ ٿي رهيو آهي ته هو اليڪشن ڪميشن يا عدالت وٽ وڃي. نجي ٽي وي چينل ??ان ڳالهائيندي اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پرويز الاهي کي هڪ ايف آءِ آر تحت گرفتار ڪيو ويو آهي، ان جي گرفتاري جي حوالي ??ان پوليس وٽ اختيار هو ته ??ن کي گرفتار ڪري. هن چيو ته ڪو به سياستدان ڪنهن ڪيس ۾ گرفتار ٿئي اهو سياسي قي??ي ناهي هوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پرامن احتجاج جو حق ۽ اظهار راءِ جي آزادي هر ڪنهن کي حاصل آهي، پرامن احتجاج عوام جو حق آهي پر پرتشدد احتجاج ۽ رستا بند ڪرڻ جي گنجائش آئين ۾ نه آهي. چ??نڊ?? جي حوالي ??ان سوال جي جواب ۾ مرتضيٰ سولنگي چيو ته ا??ان اليڪشن ڪميشن جا ٻانهن ٻيلي آهيون، آزاداڻيون، منصفاڻيون، شفاف چ??نڊ??ن منعقد ڪرائڻ جي جيڪا تاريخ اليڪشن ڪميشن ڏيندي ان تي چ??نڊ?? کي يقيني بڻائڻ ۾ هر ممڪن تعاون ڪنداسين. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته سمورين رجسٽرڊ سياسي پارٽين ??ان هڪ جهڙو سلوڪ ٿيندو. هن چيو ته حڪومت جي پاليسين جي وضاحت ضروري هوندي آهي، ڪراچي اقتصادي حب آهي، واپاري برادري ??ان ملاقاتن جي شروعات نگران وزيراعظم انوارالحق ڪئي آهي.