اسلام ??باد – 15 – آگسٽ (??ي پي پي) نگران وزي??اع??م انوارالحق ڪاڪڙ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي وڃي باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام ??ي ور??رز ڪنوينشن ۾ خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر ڪامران ٽيسوري پڻ وزي??اع??م سان گڏ هو. وزي??اع??م خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ اسلام ??ي ور??رز ڪنوينشن تي خودڪش حملي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته دهشتگرد عنصر پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ دهشتگردي جي روڪٿام ۽ امن امان قائم ڪرڻ جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم يقيني بڻائينداسين. نگران وزي??اع??م حملي ۾ فوت ٿيندڙ ڪارڪنن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. مولانا فضل الرحمان انوارالحق ڪاڪڙ کي نگران وزي??اع??م جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.