اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آف??س چيو آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪندي، ٽيم جي سيڪيورٽي بابت خدشن کان آءِ سي سي ۽ ڀا??تي عملدارن کي آگاهه ڪيو پيو وڃ??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ اسان جو حصو وٺڻ جو فيصلو پاڪستان جي مستقل موقف جي عڪاسي ڪري ٿو ته راندين کي ??يا??ت سان نه ڳنڍي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان جو تعميري ۽ ذميواراڻو انداز ڀارت سان ٽڪراءُ آهي جنهن بار بار پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم کي ايشيا ڪ?? جي لاءِ پاڪستان موڪلڻ يا پاڪستان جي بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪري راندين جي ??يا??ت ڪئي آهي. ترجمان اميد ظاهر ڪئي ته ڀارت جي دوري دوران پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي گهربل شائستگي، مڪمل حفاظت ۽ تحفظ ملندو. هن چيو ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جي سيڪيورٽي بابت اسان جي گهرن خدشن کان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۽ ڀا??تي عملدارن کي آگاهه ڪيو پيو وڃ??.