اسلام آباد – 03 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صحت ۽ تعليم جي سهولت کي هر شهري جو بنيادي حق قرار ڏيندي چيو آهي ته عوام کي صحت جون سهولتون انهن جي درن تي مهيا ڪنداسين، غريب ماڻهو کي علاج جون بهترين سهولتون ملڻ گهرجن، موجوده حڪومت صحافينجي ڀلائي لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن، صحافين ۽ فنڪارن جي ??اءِ صحت ڪارڊ جاري ??رڻ خوش آئنده آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جي حصيداري سان صحافين، ميڊيا ورڪرز ۽ فنڪارن جي ??اءِ صحت ڪارڊ جاري ??رڻ بابت معاهدي تي صحيحن واري تق??يب کي خطاب ڪندي ڪيو. تق??يب ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، قانون وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ، وزيراعظم جو معيشت ۽ توانائي بابت ڪوآرڊينيٽر بلال اظهر ڪياني، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي سيڪريٽري سهيل علي خان، اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن جو چيئرمين شعيب جاو??د حسين ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته صحاين ۽ فنڪارن جي ??اءِ صحت ڪارڊ جاري ??رڻ خوش آئنده آهي، ان جي ??اءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير جو اهم ڪردار آهي. فنڪار ملڪ جو نالو روشن ڪن ٿا، صحافين ۽ فنڪارن جي صحت جي حوالي سان قدمن جي کوٽ هئي، صحافي ڪجهه وقتن تي انتهائي اڻوڻندڙ حالتن ۾ ڪم ڪن ٿا، موجوده حڪومت صحافين جي ڀلائي لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن. وزيراعظم چيو ته نواز شريف جي سربراهي ۾ پنجاب ۾ عوام جي ??اءِ صحت ڪارڊ جاري ڪيو ويو هو، هيلٿ انشورنس ڪارڊ غريب عوام ۽ پيڙهيل طبقي جي ??اءِ نواز شريف جو تمام وڏو تحفو هو ۽ اهو پروگرام رڳو ڪروڙين غريب ماڻهن جي ??اءِ هو جيڪي حلال رزق ڪمائين ٿا پر پنهنجي علاج جون بنيادي ضرورتون پوريون ??رڻ کان قاصر هئا. هن چيو ته اڳوڻي حڪومت جنهن صحت ڪارڊ کي جاري ڪيو ان سان جيڪڏهن اهي پرائيويٽ اسپتالن جي ذريعي نه هلايو وڃي ها ته مون کي ان تي اعتراض نه هو. ان ڳالهه جو خيال ??رڻ کانسواءِ ڪير حقدار آهي ڪير حقدار نه آهي ان پروگرام جو ناجائز استعمال ڪيو ويو ۽ عوام جي ??حدود وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو ويو. گذريل حڪومت ان منصوبي کي به نوازڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو هو. وزيراعظم چيو ته جيڪي ماڻهو پنهنجي ??ارن کي ٻاهرئين ملڪ تعليم ڏياري سگهن ٿا اهي مهانگي کان مهانگو علاج به ڪرائي سگهن ٿا انهن جي ??اءِ علاج جا خرچ برداشت ??رڻ ڪو مشڪل نه آهي. وزيراعظم چيو ته اهي پاڻ ٻاهرئين ملڪ علاج هيٺ رهيا آهن ۽ انهن جي علاج تي ان وقت 80 لک رپيا خرچ ٿيندا هئا. آئون سوچيان ٿو ته غريب ماڻهو ڪيئن علاج جا وڏا خرچ برداشت ڪري سگهي ٿو. اسان لاهور ۾ ڪڊني ۽ ليور انسٽيٽيوٽ ٺاهيو. اتي جگر ۽ گڙدي جي ??ڪ هزار پيوندڪاري ٿي چڪي آهي ۽ غريب مريضن کي اتي مفت علاج ٿئي ٿو جڏهن ته امير ماڻهن کان علاج جا خرچ ورتا وڃن ٿا. وزيراعظم چيو ته اها ئي خدمت خلق ۽ انسانيت جي خدمت جي گهرج آهي. پي ڪي ايل آئي جو جيڪو حشر ڪيو ويو هاڻي ان جي ??اءِ وڌيڪ وقت ضايع نه ??رڻ گهرجي. پنجاب ۾ اسپتالن ۾ اسان اعليٰ معيار جي دوائن جي ??راهمي کي يقيني بڻايو ۽ اربين رپين جون دوائون فراهم ڪيون ويون. جعلي دوائن جو 2016ع ۾ خاتمو ڪري ڇڏيو هو. اسان اسپتالن ۾ 10 رپين جي ??يس به ختم ڪري ڇڏي هئي پر اڳوڻي حڪومت سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو. اسان جي دور ۾ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽرز اسپتالن کي به بهتر بڻايو ويو. مريضن جي ??اءِ انهن جي ??يجهي ترين علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي. هر ضلعي ۾ سي ٽي اسڪين جي سهولت ڏني. اسان جي حڪومت اسپتالن کي پئسا نه ڏنا، شفاف واڪ ڪرايو ۽ انهن ٻولين جي ذريعي دنيا جي ??اليوارين ڪمپنين کي آندو ويو ۽ انهن کي پابند بڻايو ته اهي پاڻ جديد مشينون هڻي هلائينديون. صحت ۽ تعليم هر شهري جو بنيادي حق آهي پر بدقسمتي سان صحت جي ??ظام کي تباهه ڪيو ويو ۽ علاج جي ??اءِ مريضن کان پئسا وصول ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته صحت ڪارڊ جاري ??رڻ تي انشورنس ڪمپنين جا به ٿورا مڃان ٿو. اسٽيٽ لائيف انشورنس ڪارپوريشن سرڪاري ادارو آهي، پنجاب ۾ اسان صحت ڪارڊ کي جهڙي طرح جاري ڪيو هو، علاج جا مناسب خرچ وصول ڪيا وڃن ۽ بهترين خدمتون فراهم ڪيون وڃن، غريب ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون ملڻ گهرجن ۽ ننڍين بيمارين سان گڏ وڏين بيمارين جي علاج کي به يقيني بڻائڻ گهرجي، اهڙي طرح قائداعظم جي خواب جي تعبير ممڪن ٿي سگهندي.