اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪس??ان چيو آهي ته هو ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي حل طلب خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي ڏا?? جي خلاف انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي ڏا?? ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي پنهنجي خودمختياري جي حق لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن. هن چيو ته پاڪستاني قوم اڄ 92 هون شهداءِ ڪشمير ڏهاڙو انهن 22 ڪشميرين جي شهادت جي ياد ۾ ملهائي رهي آهي جن 1931ع ۾ ڊوگره فوج جي وحشياڻي ?? انڌاڌنڌ فائرنگ جو مقابلو ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. ترجمان چيو ته اسان انهن شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن بهادري سان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ هڪ دليراڻو جدوجهد جي شروعات ??ئي ۽ آزادي جي اها تحريڪ اڄ تائين جاري آهي. هن چيو ته ڊوگره فوج وانگر گذريل 70 سالن دوران ڀارتي قابض فوج هزارين ڪشميرين کي رڳو پنهنجي حقن جي مطالبي تي شه??د ڪيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع کان هيستائين ڀارتي قابض فوج جي هٿان 780 کان وڌيڪ ڪشميرين کي شه??د ڪيو ويو آهي. هن چيو ته گذريل 7 ڏهاڪن کان جاري ڀارتي ڏا?? ڪشميري عوام جي خواهش کي ٽوڙڻ ۾ ناڪام رهيو آهي جيڪي خودمختياري جي حق جي لاءِ جدوجهد جاري رکيو اچن. هن ان عزم جو ٻيهر ورجاءُ ڪيو ته پاڪس??ان پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب انهن جي تسليم ٿيل خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ تائين ڀارتي ڏا?? جي خلاف انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۾ حمايت جاري رکندو.