اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ري?? ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ بابت شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن اها هدايت قومي اسيمبلي ميمبر ??هر?? ودود فاطمي سان ملاقات دوران ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??هر?? ودود فاطمي کيس وزيراعظم جي بااختيار عورتن بابت خصوصي قدم جاري ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ??هر?? ودود فاطمي وزيراعظم جي يوٿ پروگرام تحت پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي لاءِ ليپ ٽاپس، وظيفن، بنا وياج قرضن ۽ انٽر پرينيورشپ جا پروگرام جاري ڪرڻ تي پڻ مبارڪباد ڏني. ??هر?? ودود فاطمي وزيراعظم کي ميڊيڪل ڪاليجز جي انٽري ٽيسٽ (ايم ڊي ڪيٽ) بابت مسئلن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم لاڳاپيل عم??دارن کي (ايم ڊي ڪيٽ) شاگردن جي سمورن مسئلن کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.