اسلام آباد-03 جون (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم ا??رنگزيب چي?? آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه پهچي وي?? آهي ?? اڄ رجب طيب اردگان جي ٽئين صدارتي مدي جي حلف برداري واري تاريخي تقريب ۽ ترڪيه جي ڀائرن ۽ ڀينرن جي خوشي ۾ شريڪ ٿيندو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ واري وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي قيادت وچ ۾ ويجهي شراڪتداري ٻنهي برادر عوام جي وچ ۾ اخوت، محبت ۽ ڀائيچاري جي لازوال رشتن جي عڪاسي ڪري ٿو. جڏهن ته قائد محمد نواز شريف ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪيه جي صدر اردگان سان ذاتي برادراڻن ناتن اخوت جي ان ٻنڌڻ کي وڌيڪ منفرد ۽ سگهارو بڻاي?? آهي.