اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت 25 مئي تي عام موڪل جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ نوٽيفڪيشن کي جعلي قرار ڏي??دي چيو آهي ته جعلي خبرون پکيڙڻ غيراخلاقي ۽ غيرقانوني قدم ????ي، غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي آفيشل ٽوئيٽر هينڊل فيڪٽ چيڪر تان ٽوئيٽر تي جاري پيغام ۾ 25 مئي تي عام موڪل جي حوالي سان هڪ جعلي نوٽيفڪيشن ک?? ٽيگ ڪ??دي چيو ويو آهي ته جعلي خبرون پکيڙڻ نه رڳو غيراخلاقي ۽ غيرقانوني آهي پر اهو قوم جي لاءِ به نقصانڪار آ??ي، غيرذميواراڻي رويي کي رد ڪرڻ اسان سڀني جي ذميواري آهي.