پشاور – 25 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 9 ۽ 10 م??ي تي سول ۽ دفاعي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائيندڙ ملڪ دشمنن کي ڪيفر ڪردار تائين نه پهچايو ته قوم اسان کي معاف نه ڪندي، ڪنهن به بيگناهه سان زيادتي ن?? ٿيندي، سول عمارتن تي حملن جي ڏوها??ين جي خلاف دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي حملي آورن ۽ منصوباسازن جي خلاف دفاعي ادارن کي حاصل آئيني اختيار تحت ڪارروائي ٿيندي. گورنر هائوس ۾ امن امان بابت اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته هي اجلاس ڪجهه ڏينهن اڳ طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. مصروفين جي ڪر?? هي اجلاس نه ٿي سگهيو. 9 ۽ 10 م??ي تي جيڪي دل ڏکوئيندڙ واقعا ٿيا ان حوالي سان زوم تي اجلاس منعقد ڪيو. ان ڏينهن پاڪستان جي دوست نما دشمنن دهشتگردي ڪئي ۽ پاڪستان جي دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪر?? اهو ڪم ڪيو جيڪو دشمن 75 سالن ۾ نه ڪر?? سگهيو. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ ادارن سان گڏجي اهو فيصلو ڪيو ته سول ٺڪاڻن تي حملي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن ۽ منصوباسازن جي خلاف دهشتگردي جي ايڪٽ جي قانون موجب ڪارروائي ٿيندي جڏهن ته دفاعي ٺڪاڻن تي حملو ڪندڙن جي خلاف قانون جيڪو اختيار دفاعي ادارن کي ڏنو آهي ان تحت قانوني ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اها هدايت ڪئي آهي ته ان عمل ۾ ڪنهن به بيگناهه کي ن??صان نه پهچي ۽ ڪنهن سان به زيادتي ن?? ٿئي جڏهن ته جيڪي ماڻهو سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح ملڪ دشمني ۾ ملوث ڏٺا ويا يا منصوبابندي ڪئي، اهي سڀ ان ڏوهه ۾ شامل آهن ۽ انهن کي قانون موجب سزا ملڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ قوم اسان کي معاف نه ڪند?? ۽ ??يڪڏهن اسان پنهنجي قومي فرض کي امانت سمجهي ادا نه ڪيو. ان سان پاڪستان کي ناقابل تلافي ن??صان ٿيندو.