ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير حنا رباني کر ثمرقند ۾ افغانستان جي پاڙيسري م??ڪن جي چوٿين اجلاس جي م??قعي تي ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير سيدوف باختيور اوديلووچ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن ازبڪستان ۽ ??اڪ??تان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ دوستاڻن لاڳاپن خاص طور تي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ عوامي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين ??اڪ??تان، ازبڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽرانس افغان ريلوي م??صوبي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ان منصوبي جي وقت سر مڪمل ٿيڻ سان علائقائي رابطن ۾ اضافو ٿيندو. ملاقات جي م??قعي تي ٻنهي طرفن اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي م??اسٽا جي م??جوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي معاملن واري م??لڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ ٻطرفي واپار کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ ??اڪ??تان ۽ ازبڪستان جي وچ م ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) کي جلد فعال ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.