ڪراچي – 03 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چ??ئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل کي ملڪ جي نظام عدم ۽ انصاف تي ڪارو ڌٻو قرار ڏيندي چ??و آهي ته ڀٽو خاندان جي هاڻي ٽئين نسل اعليٰ عدليه کان انصاف جي منتظر آهي. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان موجب بلاول ڀٽ?? زرداري پارٽي جي باني چ??ئرمين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين شهادت جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو ته ملڪ کي متفقه آئين ڏيندڙ وزيراعظم جي عدالتي قتل جي حوالي سان صدارتي ريفرنس گذريل 12 سالن کان سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ آهي ۽ انهن 4382 ڏينهن دوران اسان جي نظام عدل ۽ انصاف وٽ ڀٽو جي فرياد ٻڌڻ جي لاءِ هڪ منٽ به ميسر نه آهي. هن چيو ته ٻڌايو وڃي ته انصاف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڀٽو خاندان جي وڌيڪ ڪيترين نسلن کي انتظار ڪرڻو پوندو؟ چيئرمين بلاول ڀٽ?? زرداري چ??و ته تاريخ ڀٽو جي بيگناهي جي حق ۾ ??يت??ا ثبوت پيش ڪري ڇڏيا آهن جو ان جي بدترين دشمن کي به هاڻي اهو چوڻو پوي ٿو ته قائد عوام سان ظلم ٿيو. اعليٰ عدليه کي اپيل ڪريان ٿو ته 2 اپريل 2011ع تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پاران آرٽيڪل 186 تحت موڪليل صدارتي ريفرنس کي جلد ٻڌڻي جي لاءِ مقرر ڪيو وڃي. پيپلزپارٽي چ??ئرمين قائد عوام کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چ??و ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي مدبر قيادت ۾ پاڪستان سياسي، سفارتي، معاشي، دفاعي ۽ معاشرتي لحاظ کان ڪيترائي سنگ ميل عبور ڪيا. عوام ۾ سياسي شعور، ملڪ جو پهريون متفقه آئين، زرعي ۽ معاشي سڌارا، ائٽمي پروگرام جي شروعات، پاڪ چين دوستي جو بنياد ۽ پاڪستان کي اسلامي دنيا جو سفارتي طور تي گادي وارو شهر بڻائڻ شهيد ڀٽو جي ڪارنامن جا ڪجهه مثال آهن. بلاول ڀٽ?? زرداري چ??و ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي شهادت جو ڏهاڙو وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جمهوريت، 1973ع جي آئين، پارلياماني بالادستي، مزدورن، آبادگارن، اقليتن ۽ عورتن جي حقن ۽ معاشري ۾ ڀائيچاري ۽ برابري تان ڪنهن به قيمت تي دستبردار نه ٿيندي.