اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب رمضان المبارڪ جي آمد تي سموري عالم اسلام ۽ اهل وطن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان اسان کي هن مبارڪ مهيني جي برڪتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو مليو آهي، من??نج?? دعا آهي ته اسان سڀني جي زندگي ۾ اهڙي طرح جا مبارڪ موقعا بار بار ايندا رهن. پن??نج?? بيان ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته رمضان جو مه??نو ذاتي احتساب جو مه??نو آهي. هي پن??نج?? ذات ج?? حوالي سان نظرثاني ۽ اصلاح جو مه??نو آهي. هي مه??نو پن??نج?? خواهشن ۽ پن??نج?? نفس تي ضابطو آڻڻ جي تربيت آهي ان جي ذريعي مومنن ۾ اها صلاحيت پيدا ٿي وڃي ته اهي صبر ۽ نظم ۽ ضبط سان زندگي گذاري سگهن. هن چيو ته من??نج?? دعا آهي ته الله تعاليٰ اسان کي اسلام جي تعليم جي روشني ۾ پابندي سان روزا رکڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته من??نج?? دعا آهي ته هن مبارڪ مهيني جي برڪت سان الله تعاليٰ ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل ۾ اسان جي مدد فرمائي. الله تعاليٰ اسان سڀني جو حامي ۽ ناصر هجي.