اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 فيبروري تي ترڪيه جو دورو ڪندو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب انقره ۾ پنهنجي قي??م ??ور??ن ??زي??اعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندو. ??زي??اعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. ??زي??اعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڏکڻ ترڪيءَ ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ ??زي??اعظم 6 فيبروري تي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي هئي ۽ انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. پاڪستان پاران پنهنجي ترڪ ??ائ??ن ۽ ڀينرن جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي. ??زي??اعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ گهرا ??ائ??اڻا لاڳاپا آهن، اسان جا ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. ترڪيه ۾ 6 فيبروري تي تباهي آڻيندڙ زلزلي سان هزارين ماڻهو مارجي ويا.