اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) پرڏي??ي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان مت??ثر ڪيترائي علائقا اڃان به پاڻي هيٺ آهن، نئين سر تعمير جي پنهنجي حڪمت عملي دنيا آڏو رکنداسين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ پرڏي??ي وزير چيو ته هن دادو جو دورو ڪيو، تباهي آڻيندڙ چوماسي جي برساتن جي 5 مهينن کانپوءِ به ڪيترائي علائقا اڃان به پاڻي هيٺ آهن. هن چيو ته پاڪستان عالمي ڪاربن جي اخراج ۾ رڳو 0.8 سيڪڙو حصو وجهي ٿو جڏهن ته اسان موسمياتي تبديلي سان سڀ کان وڌيڪ مت??ثر ??يندڙ ملڪن ۾ 8 هين نمبر تي آهيون. پرڏي??ي وزير چيو ته 9 جنوري تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ اسان دنيا آڏو نئين سر تعمير جي حڪمت عملي رکنداسين.