اسلام آباد – 22 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مصيبت ۾ گهيريل ٻوڏ متاثر??ن جو مشڪل وقت ۾ سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سنڌ جي ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪيو جتي هن وقت به لکين معصوم ٻار، بزرگ ۽ عورتون سخت سرديءَ ۽ بنا اجهي ۽ ڇت جي حالت ۾ موسمياتي تبديلي جي ن?? ڪيل گناهه جي سزا ڀوڳي رهيا آهن. اسان سڀني کي مصيبت ۾ گهيريل ان??ن پاڪستان??ن جو هن مشڪل وقت ۾ سهارو بڻجڻ جي ضرورت آهي.