اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ معاشي بحالي، توانائي جي کوٽ جي خاتمي لاءِ اجلاس ٿيو. توانائي جي بچت جو قومي هنگامي پلان تيار ڪيو وي?? آهي جنهن سان امپورٽ بل ۾ نمايان ۽ واضح گهٽتائي ٿيندي، غيرمعمولي صورتحال ۾ غيرمعمولي قدمن جو فيصلو ڪيو وي??. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايمرجنسي بچت پلان حتمي منظوري جي لاءِ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو وي??دو. سمورن وڏن وزيرن کي به ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ گهرايو وي??دو. انرجي بچت پلان تي صوبن سان گڏجي عملدرآمد ٿيندو. هن چيو ته بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو به فيصلو ڪيو وي??، نجي ۽ سرڪاري عمارتن کي ش??سي توانائي تي منتقل ڪرڻ به پلان جو حصو آهي. هن ٻڌايو ته هنگامي توانائي بچت پلان جو مقصد عوام ۽ معيشت تي دٻاءُ گهٽ ڪرڻ آهي ڇو ته عاليم منڊي ۾ تيل سميت ٻارڻ جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جو درآمدي بل 29 بلين ڊالر ساليانو آهي، رپين ۾ اها رقم 6 کرب رپين کان وڌيڪ آهي، توانائي بچت پلان جي نتيجي ۾ 13 بلين ڊالر ساليانو جي بچت جو ڪاٿو ل??اي?? وي?? آهي جيڪا پاڪستاني رپين ۾ 262 ارب رپين کان وڌيڪ رقم بڻجي ٿي. هن چيو ته غيرمعمولي حالتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ غيرمعمولي قدم لازمي آهن جنهن ۾ هر پاڪستاني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سمورن صوبن کي گڏجي نيشنل ڪنزرويشن پلان تي عمدلرآمد ڪرڻو پوندو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته توانائي جي بچت پاڪستان جي بقاءَ جو مسئلو آهي.