اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آ??ي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آ??ي، جڏهن ته تعمير ۽ ٻيهر بحالي لاءِ پاڪستان کي 16 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي ??ئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آ??ي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ کانسواءِ گهرن، زراعت، ??وپ??ئي ??ال، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي شعبن کي شديد نقصان پهتو آ??ي، انهن شعبن ۾ ترتيبوار 5.6 ارب ڊالر، 3.7 ارب ڊالر ۽ 3.3 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آ??ي. رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ يعني 70 سيڪڙو سنڌ ۾ ٿيو آ??ي، بلوچستان نقصانن جي حوالي سان ٻي نمبر تي، خيبرپختونخوا ٽئين نمبر ۽ پنجاب چوٿين نمبر تي آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1730 ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيو، هن وقت به ڪيترن ئي ??تاثر علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب پاڻي ما?? پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجي رهيون آهن، هن وقت 8 ملين بي گهر ماڻهن کي صحت جا مسئلا سامهون آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آ??ي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب زراعت ۽ ??وپ??ئي ??ال جي شعبن سان لاڳاپيل عورتون وڌيڪ متاثر ٿيون آهن، عالمي بئنڪ ٻڌايو آ??ي ته حڪومت متاثر ڪميونٽيز کي فوري رليف ۽ جلد بحالي ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي، ته جيئن ميڪرو اڪ??ام?? ۽ ما??ياتي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي.