ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ش??گهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن ۾ موسمياتي تبديلي جي خطري بابت آگاهي ۾ اضافو ??يو آهي، موسمياتي تبديلي ترقي ۾ رڪاوٽ ۽ پسماندگي جو سبب آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هو ثمرقند مان اطمينان سان روانو ٿي رهيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي خطري بابت هاڻي آگاهي وڌي آهي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جا ميمبر ملڪ اهو سمجهن ٿا ته موسمياتي تبديلي اسان جي ترقي ۾ رڪاوٽ ۽ ڏهاڪن جي پسماندگي جو سبب آهي، اسان ??ي متحد ٿي موسمياتي تبديلي جي اثرن ??ي منهن ڏيڻو پوندو.