اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم جي مملڪتي سربراهن جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ازبڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي اڄ ثمرقند ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب آذربائيجان جي صدر الهام عل??وف سان ملاقات ڪندو، ان کانپوءِ وزيراعظم چين جي صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪندو. ملاقات کانپوءِ وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪانگري?? سينٽر ويندو. وزيراعظم شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهن کي خط??ب پڻ ڪندو. بعد ۾ وزيراعظم قزاخستان جي صدر قاسم جو مارٽ توڪا??وف سان ملاقات ڪندو. وزيراعظم پنهنجي دوري جي پڄاڻي کان اڳ امام بخاري ج?? مزار تي حاضري پڻ ڀريندو.