اسل??م آباد – 15 – آگسٽ (اي پي پي (وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين خاص طور تي گوادر فري زون ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، ڪالهه سومر ڏينهن وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هُن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري بابت ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي ڪيو.اجلاس ۾ وفاقي وز??ر مفتاح اسماعيل، چوڌري سالڪ حُسين، احسن اقبال، خاص معاون طارق فاطمي ظفرالدين محمود ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وز??راعظم ڪميٽي کي ڏهن ڏينهن اندر رپورٽ ۽ سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وز??راعظم چيو ته چيني سيڙپڪار ڪمپنين کي ترجيحي بنيادن تي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، چيني پورهيتن جي ويزا حاصل ڪرڻ جي عمل ۾ ايندڙ سڀني رڪاوٽن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، چيني پورهيتن جي ويزا ۾ سي پيڪ ۽ ٻين ڪمپنين جي پورهيتن جي فرق کي ختم ڪري ويزا جي طريقي کي آسان ۽ تيز بڻايو وڃي، اجلاس ۾ وز??راعظم کي توانائي، انفرااسٽرڪچر، ريلوي، پورٽ انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين من??وبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ ڪمپنين جي باري ۾ تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ فوري طور هڪ کان 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي اميد آهي، ان کانسواءِ انهن من??وبن سان نه رڳو 45 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر پاڪستان EASE OF DOING BUSINESS INDEX ۾ بهتري ايندي. وز??راعظم فوري طور تي انهن من??وبن تي سيڙپڪاري بورڊ، من??وبابندي واري وزارت ۽ ناڻي واري وزارت جي گڏيل تعاون سان هڪ جامع من??وبو جوڙڻ جي هدايت جاري ڪئي.