اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وفاقي ڪابينا نظرثاني حج پاليسي، قومي ويسٽ مئنيجمينٽ پاليسي ۽ افغانستان سان واپار جي ??روغ جي ??اءِ مختلف ڪيٽيگريز ۽ ٻين تجويزن جي ??نظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪابينا ٽانڪ ضلعي ۾ پوليو ورڪرز جي ??هم تي حملي جي سخت مذمت ڪي، وزيراعظم نيشنل هيلٿ ريگيوليشنز واري وفاقي وزير کي واقعي جا تفصيل گڏ ڪرڻ ۽ وفاقي گهرو وزير کي ان جو سخت نوٽيسا وٺڻ جي ??دايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته هي هڪ سنجيده مسئلو آهي ۽ اهڙي قسم جا واقعا ٻيهر نه ٿيڻ گهرجن، وزيراعظم ان حوالي سان جاچ رپورٽ ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ پيش ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ??يڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وزيراعظم سمورن وزيرن ۽ اعليٰ آفيسرن کي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڀليڪار چئي. ڪابينا اجلاس جي شروعات پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جي صدر آصف علي زرداري جي ??الده ۽ پرڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ??رحومه ڏاڏيءَ جي ??غفرت جي ??اءِ دعا سان ڪئي وئي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ??ڌندڙ ڪيسز جي ڏس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته وفاقي ڪابينا جا سمورا ميمبرز ڪوويڊ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪن ۽ ماسڪ جو استعمال يقيني بڻائين. وفاقي ڪابينا موسمياتي تبديلي واري وزارت جي سفارش تي قومي خطرناڪ فضلو مئنيجمينٽ پاليسي 2022ع جي ??نظوري ڏني. پاليسي تحت پاڪستان ۾ ڏهاڪن کان درپيش زهريلي، آتش گير ۽ حياتي کسيندڙ بيماريون پکيڙيندڙ فضلي کي تلف ڪرڻ جي ??سئلي جو خاتمو ٿي سگهندو. ان کانسواءِ پاليسي پاڪستان جي توثيق ڪيل عالمي ڪنوينشنز، معاهدن ۽ ٽريٽريز جي عين موجب آهي. پاليسي لاڳو ڪرڻ جي ??اءِ قومي سطح تي هڪ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي. ان کانسواءِ فضلي تي فني ڪميٽي قائم ۽ ڪيميڪلز اينڊ ويسٽ بابت سينٽرل ڊائريڪٽوريٽ ٺاهيو ويندو. پاليسي تحت ايڪشن پلان پن جوڙيو ويندو جنهن جو مقصد وفاقي ۽ صوبائي سطح تي ڪم ڪندڙ ماحولياتي تحفظ جي ايجنسين کي وڌيڪ فعال ڪيو ويندو ۽ انهن جي ??ئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي. ڪابينا ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٽائون پلاننگ ڪندر رهائشي ۽ صنعتي علائقا جدا جدا رکڻ گهرجن ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ پلان جوڙي ان کي لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. ڪابينا ماحولياتي تهفظ ۾ سيڙپڪاري ۽ ان طرف حڪومت پاران مناسب وسيلا رکڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان پاران ماحولياتي تحفظ جي ??اءِ ڪيل ڪوششن تي ان کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته هو ماحولياتي تهفظ جي حوالي سان جلد ئي هڪ خصوصي اجلاس گهرائيندو جنهن ۾ صوبائي حڪومتن کي به گهرايو ويندو. ڪابينا گهرو وزارت تحت ق??ئم افغان بين الوزارت تعاون سيل جي اپيڪس ڪميٽي ۽ نادرا، سيڙپڪاري بورڊ ۽ پرڏ??هي وزارت پاران ويزا رجيم تي ريويو ڪميٽي جي اجلاس جي تجويزن جي ??نظوري ڏني. انهن تجويزن ۾ پاڪستاني سفارتخاني افغانين جي ??يزا جي درخواست کي اصل ملڪ بدران موجوده نيشنليٽي/ پاسپورٽ جي بنياد تي پراسيس ڪندا، افغانستان سان واپار جي ??روغ لاءِ ورڪ ويزا ڪيٽيگري ۾ هڪ نئين سب ڪيٽيگري/ ڊرائيورز/ ٽرانسپورٽرز/ هيلپرز جي ??الي سان پاڪستان آن لائين ويزا سسٽم متعارف ڪرايو ويندو، شروعاتي طور تي 48 ڪلاڪن دوران 6 مهينن جي ??دي لاءِ ملٽي پل انٽري ويزا جاري ڪئي ويندي، جنهن جي ??دي ۾ هڪ سال جي توسيع جو اختيار گهرو وزارت کي هوندو. ويزا جي ??اءِ گهربل دستاويزن ۾ درخواست ڪندڙ جي ??وٽو، پاسپورٽ، ٽرانسپورٽ ڪمپني جي طور تي رجسٽريشن ۽ ايمپلائمينٽ ليٽر شامل هوندو جڏهن ته توسيع جي صورت ۾ انٽري/ ويزا پيج اضافي طور تي گهربل هوندو. ڊرائيورز/ ٽرانسپورٽرز ۽ هيلپرز جي ??يزا جي ??اءِ سيڙپڪاري بورڊ پاران سفارشي ليٽر ۽ ايس اي سي پي جي رجسٽريشن کان ڇوٽ ڏني پئي وڃي. ڇو ته ويزا حاصل ڪرڻ جو بنيادي مقصد رڳو شين جي بارڊر تي چرپر آهي. مٿي ڄاڻايل سموريون تجويزون اقتصادي رابطا تنظيم جي ??يمبر ملڪن جي ڊرائيورز/ ٽرانسپورٽرز ۽ هيلپرز تي پڻ لاڳو هونديون. ڪابينا جي ??نظوري کانپوءِ نادرا کي پاڪستان آن لائين ويزا سسٽم جي ??ظام ۾ تبديلي جي ??دايت ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ Ease of doing business جي ??روغ لاءِ گهرو وزارت ۽ سيڙپڪاري بورڊ جي آن لائين ادائي??ين کي پاڪستان آن لائين ويزا سسٽم سان ڳنڍيو ويندو. وزيراعظم وفاقي گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته ان سلسلي ۾ جيڪي به مشڪلاتون ۽ رڪاوٽون آهن، انهن کي ختم ڪيو وڃي. اسان کي افغانستان جي ??اڻهن جي ??دد ڪرڻي آهي ۽ گڏيل فائدي جي ??اءِ ڪم ڪرڻو آهي ته جيئن افغان شهري جيڪي سيڙڪاري جي ??اءِ نار رياستن جو رخ ڪن ٿا انهن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي ??اءِ سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي. ڪابينا افغانستان مان ايندڙ مريضن جي ??اءِ پڻ ويزا ۾ نرمي جي تجويز ڏني. ڪابينا فيصلو ڪيو ته پاڪستان ۾ افغان شهرين جي سيڙپڪاري وڌائڻ جي ??اءِ پاليسي ٻن هفتن جي اندر جوڙي ويندي. ڪابينا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ??اري وزارت جي ذيلي اداري پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي پاران توانائي بچائڻ جي ??اءِ بجلي سان هلندڙ پنکن جي ??اءِ طئه ڪيل گهٽ کان گهٽ توانائي جي ڪارڪردگي جي ??عيارن جي حوالي سان خصوصي ڪميٽي جوڙي ڇڏي. جنهن جي سربراهي سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين ڪندو جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، وفاقي وزير آغا حسن بلوچ ۽ لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽريز هوندا. ڪابينا اتفاق ڪيو ته اسان کي توانائي بچائڻ جي ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ بجلي سان هلندڙ سمورن اوزارن جي اسٽينڊرڊز ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 22 جون 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل هيٺ ڏنل فيصلن جي توثيق ڪئي. جنهن ۾ ايوي ايشن ۽ ڪابينا ڊويزن جي 12 ڪروڙ 58 لک 19 هزار 29 رپين جي ضمني گرانت، اين سي او سي جي ذريعي ميڊيا پبلسٽي مهم جي ??اءِ 40 ملين رپيا ادائيگي جي ??اءِ ٽيڪنيڪل سپليمينٽري گرانٽ، مالي سال 2021 – 2022ع جي ??اءِ پرڏ??هي وزارت جي سالياني بجيٽ ۾ کوٽ کي پورو ڪرڻ جي ??اءِ اضافي فنڊز جي ??نظوري، موجوده مالي سال 2021 – 2022ع جي دوران خصوصي مواصلاتي تنظيم (SCO) جي ??ينيڪي طور تي ضمني گرانٽ، وزيراعظم امدادي پئڪيج تحت فوت ٿيندڙ ۽ شهيد ٿيندڙن جي ??اءِ 1224.41 ملين جي سپليمينٽري گرانٽ، سياسي پارٽي پاران ايندڙ احتجاج/ ڌرڻي جي دوران امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي ??اءِ ڪئميرائن جي خريداري جي ??اءِ 39.363 ملين جي ضمني گرانٽ، سول آرمڊ فورسز جي سلسلي ۾ 5696.550 ملين جي باقاعده ضمني گرانٽ، غيرقانوني طور تي ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??ناهگيرن 1989ع ۽ ان کانپوءِ جي ??ستقل آبادڪاري جي ??اءِ فني ضمني گرانٽ، فوت ٿيندڙ ملازمن جي خاندانن جي ??اءِ پينشن/ مالي امدادي پئڪيج ۽ بينوولينٽ فنڊ جي ??اءِ التوا هيٺ رهتن جي تصفيه جي ??اءِ پاڪستان ريلوي جي ضمني گرانت، فيدرل ڊائريڪٽوريٽ آف ايمونائيزيشن جي ??اءِ 6133.314 ملين جي ??ني گرانٽ شامل آهي.