اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آ??ي ته عمران نيازي اڳ ۾ غيرملڪي سازش تي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي نيب قانونن تي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آ??ي، عمران خان مافيا ڪجهه هيرن جي عيوض ملڪي مفاد کي وڪرو ڪيو، پوڻا چار ??ال هنن قانون ۽ انصاف جون ڌڄيون اڏايون، عمران صاحب ٻه جهنڊا رکي توهان رُوئو، پٽيو يا رڙيون ڪيو، توهان جي ڪرپشن جا پوک کلي چڪا آهن، ذاتي مفادن جي لاءِ پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندڙ توهان جهڙن کي جيل هجڻ گهرجي. عمران خان جي بيان تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جيل ۾ عمران صاحب توهان ۽ نيب چيئرمين کي هجڻ گهرجي جيڪي پوڻا چار ??ال قانون ۽ انصاف جون ڌڄيون اڏائيندا رهيا. هن چيو ته ٻه جهنڊا رکي عمران صاحب توهان رُوئو، پٽيو يا رڙيون ڪيو، توهان جي ڪرپشن جا پول کلي چڪا آهن، عوام توهان کي رد ڪري ڇڏيو آ??ي، توهان جي چار ??ال جي چوري، ڪرپشن ۽ نالائقي عوام آڏو بي نقاب ٿي چڪي آهي. هن چيو ته ن??ب، ايف آءِ اي ۽ وزيراعظم جي ڪرسيءَ استعمال ڪري به عمران نيازي پنهنجا هنيل الزام ثابت نه ڪري سگهيو، سرڪاري رڪارڊ ۽ اختيار هجڻ جي باوجود توهان هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيا. هن چيو ته عمران خان پوڻا چار ??اال جعلي احتساب جو بيانيو هلايو جيڪو ناڪام ٿيو. هن چيو ته اختيارن جو ناجائز استعمال ڪري ڪوڙا ڪيس ٺاهي به عمران صاحب توهان ناڪام ٿيا. هن چيو ته عمران خان برطانيا جي نيشنل ڪرائم ايجنسي وٽ ويو پر اتان به شڪست ملي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران صاحب! بني گالا ۾ ٻن جهنڊن جي وچ ۾ ويهي انقلاب ??اه?? ايندو. هن چيو ته هيرا وٺي فيڪٽرين جا گيٽ کولرائيندر کي نيب ترميمون ياد اچي ويون آهن. چار ??ال عوام کي مهانگائي جي چڪيءَ ۾ پيڙهڻ وارو اڳ ۾ غيرملڪي سازش تي قوم کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هاڻي نيب قانونن تي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آ??ي. هن چيو ته عمران نيازي هڪ ڀيرو ٻيهر نيب نيازي ڳٺ جوڙ کي استعمال ڪرڻ ??اه?? ٿو جنهن جي ذريعي هن سياسي مخالفن کي موت جي سزا جي چڪين ۾ ناحق قيد ڪيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ به عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آ??ي. مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان جهڙن ذاتي مفادن جي لاءِ اختيارن اختيارن جو ناجائز استعمال ۽ سياسي انتقام جي لاءِ هر غيرقانوني هربا استعمال ڪندڙن کي جيل ۾ هجڻ گهرجي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان نيب کي استعمال ڪري انساني حقن جي خلاف ورزي ڪئي، عمران نيازي مريم نواز تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا جنهن ڪڏهن ڪو سرڪاري عهدو ??اه?? رکيو، سمورن اختيارن ۽ طاقت هوندي ن??ب، ايف آءِ اي ۽ اين سي اي ۾ هڪ رپئي جي ڪرپشن ثابت نه ڪري سگهيو. هن چيو ته عمران صاحب جون رڙيون رڳو پنهنجي چوري ۽ ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ نڪري رهيون آهن. هن چيو ته نيب ترميمن سان موجوده ڪيسز تي ڪو فرق نه پوندو، شهباز شريف اڄ به ڪوڙن الزامن جي باوجود پيشيون ڀوڳي رهيو آ??ي. هن چيو ته عمران صاحب ڪوڙ، منافق فتنو آ??ي ۽ هر ڳالهه تي عوام کي گمراهه ڪري ٿو.