اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مم??ڪت?? وزير حنا رباني کر چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف جو اجلاس برلن ۾ جاري آهي، ايف اي ٽي ايف اجلاس جي پُڄاڻي کانپوءِ بيان جاري ڪندو، هڪ ٽوئيٽ ۾ مم??ڪت?? وزير چيو ته اجلاس جي نتيجن تي ٻڌل رپورٽنگ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، حڪومت ??اڪ??تان ان معاملي تي اڄ ڇنڇر جي صبح پرڏيهي معاملن واري وزارت ۾ هڪ ميڊيا بريفنگ جو اهتمام ڪيو آهي، اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته پرڏيهي معاملن واري مم??ڪت?? وزير حنا رباني کر جرمني جي شهر برلن ۾ ٿيندڙ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس ۾ ??اڪ??تاني وفد جي قيادت ڪري رهي آهي، اجلاس ۾ 2018ع ۽ 2021ع جي ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلان تحت ??اڪ??تان جي اڳڀرائي تي غور ڪيو ويو، اجلاس ايف اي ٽي ايف جي انٽرنيشنل ڪوآپريشن ريويو گروپ (آءِ سي آر جي) جي سفارشن جو جائزو وٺندو، پرڏيهي معاملن واري مم??ڪت?? وزير حنا رباني کر ??اڪ??تان جي قومي ايف اي ٽي ايف رابطا ڪميٽي ج?? سربراهه به آهي، ان کان اڳ هن مختلف اجلاسن ۾ ??اڪ??تان جي اينٽي مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردي جي مالي مدد جي خاتمي جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت جي اعليٰ سطح جي سياسي عزم کي اجاگر ڪيو. جرمني 13 کان 17 جون تائين برلن ۾ ايف اي ٽي ايف جي اجلاس جي ميزباني ڪري رهيو آهي، هن ايف اي ٽي ايف جي عهديدارن ۽ ميمبر ملڪن جي وفدن ج?? سربراهن س??ن به ملاقاتون ڪيون ۽ انهن کي ايف اي ٽي ايف جي ٻنهي ايڪشن پلانز جي پڄاڻي لا ??اڪ??تان پاران ڪيل شاندار اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.