اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف عوام کي عيدالفطر جو وڏو تحفو ڏيندي 30 اپريل تائين سمورن مسئلن جو خاتمو ڪري پهرين مئي کان ملڪ مان لوڊشيڊنگ مڪمل ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي هٿرادو کوٽ پيدا ??ند??ن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت به ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ملڪ ۾ بجلي جي اعلاني?? ۽ ??ڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ تي اعليٰ سطح جو هنگامي اجلاس منعقد ٿيو.
اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته شهباز شريف اسپيڊ تي عمل پيدا ٿيندي هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان بند پيل 27 بج?? گهرن مان 20 کي فعال بڻايو ويو آهي. 20 بجل?? گهرن جي ٻيهر هلڻ ??ان بجلي جي پيداور ۾ اضافو ٿيو آهي، گذريل حڪومت چئن سالن ۾ بجل?? گهرن لاءِ ٻارڻ خريد نه ڪيو، موجوده حڪومت صرف ٻن هفتن ۾ نه رڳو ٻارڻ جو انتظام ڪيو پر انهن بجل?? گهرن کان بجلي جي پيداوار وڌائي لوڊشيڊنگ جو خاتمو به ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ بجلي جي مجموعي پيداوار تقريبن 18500 ميگاواٽ آهي، گهرج جي لحاظ کان بجلي جو شارٽ فال 500 کان 2000 ميگاواٽ آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي حڪومت سنڀاليندي ئي بريفنگ ڏني وئي هئي ته 27 بجل?? گهر ٻارڻ نه هجڻ جي ڪري يا ٻين فني خرابين جي ڪري بند پيل آهن لوڊشيڊنگ جو وڏو سبب گذريل حڪومت جو بجل?? گهر هلائڻ لاءِ ٻارڻ جي وقت سر فراهمي جو منصوبو نه هجڻ آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لوڊ شيڊنگ جي ٻين سببن ۾ ٻارڻ جي فراهمي ۾ مسئلا، بجل?? گهرن جي وقت سر مرمت ۽ سارسنڀال ۾ مجرماڻي غفلت آهي، وزيراعظم عهدو سنڀاليندي ئي فوري طور تي انهن بجل?? گهرن کي فعال بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، ان کانسواءِ وزيراعظم کي ورڇ ??ند?? ڪمپنين جي خساري ۾ وڃن وارن فيڊرز جي حوالي ??ان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.
وزيراعظم 30 اپريل تائين سمورن مسئلن جو خاتمو ڪري پهرين مئي کان بجلي جي لوڊشيڊنگ کي ختم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون، عوام کي گرمين ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ??ان مشڪلاتن ۾ مبتلا نٿا ڪري سگهون. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارڻ جي جامع ۽ مستقل نظام جي جوڙجڪ ۽ گرمين ۾ ايندڙ مهيني جي اڳواٽ منصوبابندي ڪريو. وزيراعظم نقصان ۾ ويندڙ بجلي ورڇ ??ند?? ڪمپنين جي فيڊرز جي خسارو ختم ڪرڻ جي ڊگهي مدي واري موثر منصوبابندي طلب ڪري ورتي. فصلن جي ڪٽائي دوران ڊيزل جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪرڻ جي شڪايت تي وزيراعظم سخت نوٽيس وٺندي حڪم ڏنو ته هٿرادو کوٽ پيدا ??ند??ن جي نشاندهي ڪريو، فوري ۽ سخت ڪارروايئي ڪريو. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته آبادگارن کي زرعي مشينري هلائڻ لاءِ ڊيزل جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ضلعي انتظاميه يقيني بڻائي ته آبادگارن کي ڊيزل حاصل ڪرڻ ۾ ڪنهن قسم جي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.