اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستاني شهرين جي اڪثريت وزيراعظم عمران خان جي خلاف بي اعتمادي رٿ جي ناڪامي تي يقين رکي ٿي، 62 سيڪڙو شهرين جو مڃڻ آهي ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت تازي سياسي صورتحال تي ضابطو آڻي وٺندي جڏهن ته 80 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پنهنجو 5 سالا مدو مڪمل ڪندي ۽ ڪي مڊ ٽرم چونڊون نه ٿينديون. پلس (PULSE) ڪنسلٽنٽ وزيراعظم عمران خان جي پهرين مارچ تي قوم کي خطاب ۽ ريليف جي قدمن، ملڪ جي تازي سياسي صورتحال ۽ مخالف ڌر پاران پيش ڪيل بي اعتمادي رٿ جي حوالي سان عوامي ر??ءِ معلوم ڪرڻ جي لاءِ سڄي ملڪ ۾ سروي ڪئي جنهن ۾ 16 کان 55 سالن جي عمر جي م??ڻه?? کان سوال ۽ انٽرويوز ڪيا ويا جن ۾ ڳوٺاڻي ۽ شهري علائقن جي هر طبقي سان تعلق رکندڙ م??ڻه?? شامل هئا. سروي نتيجن موجب هر 10 مان 6 (62 سيڪڙو) م??ڻه?? ان يقين جو اظ??ار ڪيو ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت تازي سياسي صورتحال تي ضابطو آڻي وٺندي جڏهن ته سروي ۾ شريڪ 10 مان رڳو 2 يعني (23 سيڪڙو) م??ڻه?? خدشو ظاهر ڪيو ته بي اعتمادي رٿ جي ڪري وزيراعظم عمران خان جي حڪومت ختم ٿي سگهي ٿي ۽ 15 سيڪڙو م??ڻه?? ان تي ڪنهن ردعمل جو اظ??ار نه ڪيو. پلس ڪنسلٽنٽ پاران جاري سروي ۾ چيو ويو آهي ته 80 سيڪڙو پاڪستاني ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته وزيراعظم عمران خان جي حڪومت پنهنجو 5 سالا مدو مڪمل ڪندي ۽ ڪي مڊ ٽرم چونڊون نه ٿينديون. سروي نتيجن موجب 13 سيڪڙو م??ڻه?? وچ مدي وارين چونڊن جي توقع رکن ٿا جڏهن ته سروي ۾ شامل 7 سيڪڙو م??ڻه?? ان تي پنهنجي ر??ءِ جو اظ??ار نه ڪيو. قوم کي پهرين مارچ تي پنهنجي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا ۾ ناڻي واڌ جي شرح ۽ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي جي باوجود حڪومت ٽيڪس اوڳاڙين ۾ موثر ۽ ڀرپور اضافي جي نتيجي ۾ عوام کي ريليف ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم جي ان فيصلي ۽ تقرير جي حوالي سان جڏهن عوامي ر??ءِ ڄاڻڻ جي لاءِ سروي ۾ سوال ڪيو ويو ته سروي ۾ شريڪ 10 سيڪڙو م??ڻه?? ان سان مڪمل اتفاق ڪيو جڏهن ته 42 سيڪڙو جزوي متفق هئا. اهڙي طرح وزيراعظم جي دعويٰ سان اتفاق ڪندڙن جي شرح 52 سيڪرو رهي آهي. وڌيڪ اهو ته 42 سيڪڙو م??ڻه?? وزيراعظم جي دعويٰ سان عدم اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان پاران پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو گهٽتائي جي قدم جي حوالي سان 8 سيڪڙو ان کي وڏو ريليف ۽ 41 سيڪڙو مناسب ريليف قرار ڏنو، اهڙي طرح پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي فيصلي تي مجموعي طور تي 49 سيڪڙو م??ڻه?? اطمينان جو اظ??ار ڪيو، 48 سيڪرو شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته ان سان ڪو وڌيڪ اثر نه پوندو جڏهن ته 3 سيڪڙو ڪا راءِ نه ڏني. بجلي جي في يونٽ ۾ 5 رپين جي گهٽتائي جي حوالي سان پڻ سروي ۾ شرڪت ڪندڙن گڏيل سڏيل ردعمل جو اظ??ار ڪيو. سروي نتيجن موجب 9 سيڪڙو ان کي هڪ وڏو ريليف ۽ 42 سيڪڙو بجلي جي قيمت ۾ گهٽتائي کي مناسب ريليف قرار ڏنو. اهڙي طرح بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي فيصلي تي اطمينان ۽ ريليف جو اظ??ار ڪندڙن جي مجموعي شرح 51 سيڪڙو رهي آهي جڏهن ته 47 سيڪڙو چيو ته اهو ڪو ايترو وڏو ريليف نه آهي. احساس مالي معاونت جي پروگرام ۾ 2 هزار جي اضافي سان مالي معاونت 14 هزار رپيا ڪرڻ بابت سروي جي 63 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن اطمينان جو اظ??ار ڪيو جن ۾ 32 سيڪڙو مڪمل ۽ 31 سيڪڙو جزوي اطمينان جو اظ??ار ڪيو. ٻئي طرف 32 سيڪڙو م??ڻه?? ان اضافي سان مڪمل عدم اتفاق ڪيو ۽ 5 سيڪڙو ڪنهن راءِ جو اظ??ار نه ڪيو. پنجاب صوبي ۾ صحت انصاف ڪارڊ ۽ حڪومت جي ڪارڪردگي جي حوالي سان سوال تي سروي نتيجن موجب پنجاب جا 66 سيڪڙو م??ڻه?? ڀرپور مطمئن آهن جڏهن ته 29 سيڪڙو عدم اطمينان جو اظ??ار ڪيو ۽ 6 سيڪڙو شرڪت ڪندڙن ڪنهن راءِ جو اظ??ار نه ڪيو.