اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۾ قانونسازي سا?? لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي تعمير ۽ ترقي کي يقيني بڻائي انهن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ ر??زگار جا موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا پڻ بحث هي?? آيا. وزيراعظم نوجوانن جي لاءِ ر??زگار جا وسيع موقعا پيدا ڪري خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي ترقي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.