اسلام آباد – 18 فيبروري (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، حڪومت سمنڊ پار پاڪستان??ن جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ انهن جي سرمائي جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن جو چيئرمين ڊاڪٽر ضياءَ الحسن، پاڪستان ايسوسيئيشن دبئي جو صدر ڊاڪٽر فيصل اڪرام ۽ ممتاز مسلم شريڪ هئا. ملاقات ۾ وزيراعظم کي دبئي ۾ رهندڙ پاڪستان??ن جي حڪومت جي ڪاروبار دوست پاليس??ن جي ڪري سيڙپڪاري ۾ دل??سپي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. شرڪت ڪندڙن نه رڳو ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين کي چونڊن ۾ راءِ جو حق ڏيڻ جي فراهمي پر رقمن جي منتقلي لاءِ روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ قدمن تي حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪيو.