اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف واقعن ۾ شهيد ٿيندڙ 18 سيڪيورٽي اهلڪارن جي پوئينرن کي ٽيليفون ڪري شهيدن جي عظيم قرباني تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر روايت موجب شهيدن جي پوئينرن سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. صدر چيو ته سڄي قوم وطن خاطر جان جو نذرانو پيش ڪندڙ جي احسانمند آهي، پاڪستاني قوم پنهن??ي شهيدن جي عظيم قرباني تي فخر ڪندي آهي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي 2 فيبروري تي نوشڪ?? ۾ ??هشتگر حمل?? ۾ ??هيد ٿيندڙن جي وارثن سان ڳالهه ٻوله?? ڪئي، صدر ڪيپٽن محمد بلال خالد، لائنس نائيڪ عنايت الله ۽ سپاهي وحيد علي جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن پنج فيبروري تي دهشتگردن جي حمل?? ۾ ??هيد ٿيندڙن جي خاندان جي ماڻهن سان رابطو ڪيو ، صدر سپاهي ساجد علي، سپاهي ناهيد اقبال ۽ سپاهي محمد ضياءُ الله خان جي وارثن سان ڳالهه ٻوله?? ڪئي، سپاهي محمد سمير ۽ سپاهي عجب نور جي خاندان جي ماڻهن سان به صدر افسوس جو اظهار ڪيو، صدر 25 جنوري تي ڪيچ ضلع?? ۾ ??هيد ٿيندڙ 10 نوجوانن جي گهروارن سان به ڳالهه ٻوله?? ڪئي، صدر نائيڪ وقاص احمد، سپاهي ظفر اقبال، سپاهي نو??د غفور جي خاندان جي ماڻهن سان افسوس جو اظهار ڪيو، ڊاڪٽر عارف علوي سپاهي عدنان مصطفيٰ، زين علي، محمد شهزاد حسين، فرحان احسن طارق جي گهروارن سان به ر??بطو ڪيو، صدر سپاهي محبوب علي، ارسلان منظور ۽ محمد ياسر کي به خراج عقيدت پيش ڪيو.