اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان يونان سان ثقافت، تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن يونان جي عهدو ڇ??ين??ڙ سفير آندرياس پاپستاورو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چ??و ته پاڪستان يونان سان ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ يونان سان ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چ??و ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ ثقافتي تعاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. صدر ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستاني ڪوششن جو به ذڪر ڪيو ۽ چ??و ته امن ۽ استحڪام سان نه رڳو افغانستان پر خطي جي ٻين ملڪن ۾ به معاشي خوشحالي ايندي. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته پاڪستان ۾ افغانستان تي او آءِ سي ڪانفرنس جي پرڏيهي وزيرن جو 17 هون غير معمولي اجلاس ڪامياب رهيو. او آءِ سي اجلاس سان افغانستان جي جنگ سبب متاثر عوام لاءِ عالمي حمايت ۽ معاشي مدد حاصل ٿي. هن پاڪ – يونان لاڳاپن جي فروغ تي عهدو ڇ??ين??ڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو.