اسلام آباد – 24 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پي ٽي وي، ريڊيو ۽ اي پي پي کي موجُوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪي?? پيو وڃي، نئين ٽيڪنالاجي ۽ نوان پروگرام آڻي رهيا آهيون، ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڊج??ٽل ايڊورٽائزنگ پاليسي تيار ڪئي پئي وڃي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي عمل سان چئنلز جي ريٽنگ ۾ شفافيت ايندي، اسان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ طرف وڃي رهيا آهيون، پاڪستان ميڊيا چئنلز کي عالمي سياست ۽ مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هو سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائي رهيو هو. اجلاس جي صدر ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري و??اق?? وزير چيو ته پاڪستاني چئنلز عالمي سياست ۽ مسئلن تي ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، ملڪي نيوز چئنلز تي صرف ملڪي سياست تي ئي ڳالهه ٿيندي آهي، هن چيو ته ڀارتي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪئي پر پاڪستاني ٽي وي چئنلز تي ان بابت ڪا به ڳالهه ناهي ٿي، هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته اي پي پي کي ڊج??ٽل نيوز ايجنسي بڻائي رهيا آهيون، ان جو فائدو پاڪستاني ميڊيا کي به ٿيندو، وزارت جي ڊج??ٽل ميڊيا ونگ کي اي پي پي ۾ ضم ڪي?? پيو وڃي، هن چيو ته موجوده حڪومت اي پي پي کي رائٽرز ۽ ايجنس فرانس پريس (اي ايف پي) جي برابر آڻڻ لاءِ پرعزم آهيون.